خطبات سيد

خطبات سيد

خطبات سيد

خطبات سيد (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي قومي سياستدان، جي. ايم. سيد جي انهن خطبن تي مشتمل آهي، جيڪي هن 1966ع ۾، نظربنديءَ مان آزاد ٿيڻ بعد، روشن خيال اديبن ۽ قومي ڪارڪنن سان گڏجي ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪري، اُن جي اجلاسن جي موقعي تي ڏنا هئا. هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جا 10 خطبا شامل آهن، جيڪي هُن سيد عالي رح جي ميلي، ٺٽي (23 جون 1966ع)، حضرت داد شهيد جي ميلي ٻڍاپور (1 آگسٽ 1966ع)، مهر شاهه جي ميلي، ميرپور بٺوري (3 سيپٽمبر 1966ع)، ڀٽ شاهه
(29 سيپٽمبر 1966ع)، پير حسن بخش شاهه جي ميلي، ڊُٺڙي
(23 آڪٽوبر 1966ع)، آئين ڪاميٽيءَ جي موقعي تي سن
(18 نومبر 1966ع)، نبي سر (8 مئي 1968ع)، بزم صوفياء جي ورڪرس ڪانفرنس بيسنت هال، حيدرآباد (28 مئي 1967ع)، شاهه حيدر جي ميلي، سن (11 جون 1967ع) ۽ شاهه حيدر جي درگاهه، سن
(15-16 آڪٽوبر 1969ع) تي بزم صوفياء سنڌ جي ثقافتي ڪانفرنسن جي موقعي تي ڏنا هئا. هنن خطبن ۾ جي. ايم. سيد سنڌي قوم۾ قومي سڃاڻپ ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ سان گڏ مذهب، سياست ۽ طريقت جي روشن خيال رخن تي روشني وجهي، قومي ٻڌي ۽ امن عالم ۽ انسانيت جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو پيغام ڏنو آهي.
ان سان گڏ هن ڪتاب ۾ بزم صوفياء سنڌ جي ٽين ثقافتي ڪانفرنس جي موقعي تي نور محمد پليجي جي ڪيل آجياڻي تقرير، ان موقعي تي شيخ اياز جي صدارتي تقرير، پنجين ثقافتي ڪانفرنس جي موقعي تي شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘ جي آجياڻي تقرير ۽ ڇهين ثقافتي ڪانفرنس ۾ بزم صوفياءِ سنڌ جي سيڪريٽري رسول بخش پليجي جي تقرير به شامل آهي. بزم صوفياء سنڌ جي آئين ۽ ڇهين ڪانفرنسن جو احوال پهريون ڀيرو 1966ع ۾ ئي ڇپيو هو، بعد ۾ نون ڪانفرنسن جو مڪمل احوال ترتيب ڏيارائي، محترم محمد سومار ٿيٻي 1975ع ۾ ’خطبات سيد‘ جي نالي سان ڇپايو هو. ان ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو، سائين پبلشرز سيوهڻ، 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 158 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو